ڪوٽڙي: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه داڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته بحريا ٽائون انتظاميه هزارين سالن کان آباد ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪري رهي آهي. گبولن جا ڳوٺ ڊاهڻ جي اصل ذميوار پ پ حڪومت آهي. ڪوٽڙي ۾ افطار پارٽي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي قوم جيستائين اصل دشمن کي نه سڃاڻيندي تيستائين ڪير به محفوظ نه رهندو. هن چيو ته سنڌين کي بي گهر ڪري سندن زمينن تي قبضا ڪرڻ کان وٺي کين منشيات جي ور چاڙهڻ تائين سمور احربا استعمال ڪري سنڌ کي تباھ ڪيو پيو وڃي.