ڪوٽڙي ڪبير (ن پ ا) ڪوٽڙي ڪبير ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اظهر حسين لغاري، انسپيڪٽر فهيم احمد ملڪ، اسسٽنٽ ڪنٽرولر ويٽ ۽ معيار عامر خان سيمت اي ايس آءِ ڇٽل خشڪ جي اڳواڻي ۾ انڊس پيٽرول پمپ ۽ هوٽلن تي ڇاپا هنيا ويا. انڊس پيٽروليم تي ڇاپو هنيو ويو جتي پيٽرول جو معيار ۽ ماپ پنج پوائنٽ گهٽ هئي جنهن ڪري انڊس پيٽروليم تي ويهه هزار ڏنڊ پڻ لڳايو ويو. هوڏانهن رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ هوٽلون سرعام کليل هجڻ تي هوٽل مالڪن تي ٻه-ٻه هزار ڏنڊ هڻندي وارننگ ڏني وئي ته رمضان المبارڪ جو احترام نه ڪندڙن ۽ وارننگ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي.