ڪوٽڙي ڪبير (ن پ ا) ڪوٽڙي ڪبير لڳ ڳوٺ ڪريمداد لاشاري ۾ پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ سبب شاگرد پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن، ان حوالي سان ڳوٺاڻن الھوڌايو لاشاري، عبدالله لاشاري، عبدالرحيم لاشاري، مريد لاشاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ سبب شاگردن کي تعليم پرائڻ ۾ ڏکيائيون ٿي رهيون آهن، تعليم کاتو مامري جو نوٽيس وٺي.