ڪوٽڙي: ڦر مزاحمت تي نوجوان گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار

0
193
ڪوٽڙي: ڦر مزاحمت تي نوجوان گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار
ڪوٽڙي: ڦر مزاحمت تي نوجوان گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار

ڪوٽڙي  (رپورٽر) ڄامشورو ڀرسان پيٽارو ٽول پلازہ وٽ ڦر دوران مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪار ۾ سوار فئملي سيوهڻ کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته هٿياربندن روڪي ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي ڪراچي واسي سمندر خان پٽ حبيب خان کي قتل ڪري ڇڏيو،

مقتول نوجوان جي گهرواري موجب هو درگاهه قلندر تي حاضري ڀرڻ بعد واپس ڪراچي وڃي رهيا هئا ته جوابدار پيٽارو وٽ روڪي ڦر ڪئي، مزاحمت تي جوابدارن مڙس کي گوليون هڻي قتل ڪيو.