سيوهڻ (ن پ ا) سيوھڻ ۽ ڄامشوري ضلعي اندر محرم الحرام جي سيڪيورٽي ۽ امن امان حوالي سان ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ سيوھڻ ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ڊي آئي جي حيدرآباد پير محمد شاهه، ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفيٰ ۽ ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ پڻ شرڪت ڪئي، ڪمشنر حيدرآباد درگاھ قلندر لعل شھباز مزار سيڪيورٽي جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محرم الحرام حوالي سان سيڪيورٽي مسئلا ڏسڻ آيا آهيون سيوهڻ شھر سميت درگاھ قلندر لعل شھباز مزار جي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو آهي. ضلعي ۾ جيڪي مجلسون ٿينديون انهن جا سيڪيورٽي انتظام بهتر ڪيا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾هن چيو ته ڪوٽڙي ۾ ڪالهه ٿيل بم ڌماڪي ۾ ملوث ڪردار پاڻ انتقام پزير ٿي ويو آهي، ڌماڪو ملڪي سالميت مٿان وار هو ان واقعي جي جاچ هلي پئي، ايجنسين سميت پوليس جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي جي حوالي سان ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاھ چيو ته محرم دوران سيڪيورٽي جا انتظام بهتر ٿيل آهن 10 محرم الحرام تائين امن امان جو صورتحال بھتر رهندي