ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ ڍڳي فارم ويجهو ڪراچي واھ مان ملڪ ٽائون ڪوٽڙي جي 35 ورهين جي نوجوان مھتاب ڪلھوڙو جو لاش ھٿ آيو آهي. اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو جتي سندس ڀاءُ آفتاب ٻڌايو ته سندس ڀاء فيڪٽري ۾ ڊيوٽي ڪندڙ صبح ھو گھران ڊيوٽي لاءِ نڪتو ته واپس نه آيو رات جو سندس لاش مليو آھي، ھن موجب سندس ڪنھن سان به ڪا دشمني نه ھئي ۽ نه ڪا گھرو پريشاني ھئي. ڪوٽڙي پوليس موجب معاملي جي جانچ ڪري رھيا آھيون.