ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ڦاٽڪ ڀرسان هلندڙ گاڏين مان چور يوريا ڀاڻ جون ٻوريون لاهي ويا، ڊرائيورن ٽرڪون بيهاري روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ڊرائيورن چيو ته   هلندڙ ٽرڪن مان سامان چوري ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي، اڄ به چور ڀريل ٽرڪ مان 29 ٻوريون يوريا ڀاڻ جون لاهي ويا آهن. ٻي طرف ڊرائيورن جي احتجاج بعد ڪوٽڙي سائيٽ پوليس پهچي ڊرائيور سان ڳالهيون ڪرڻ بعد روڊ کولائي ڇڏيو .