ڪوٽڙي جي سائيٽ پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ

0
267

ڪراچي: ڪوٽڙي جي سائيٽ پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻولهاڙي لنڪ روڊ تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار الله بچايو عرف بچو چوهاڻ مارجي ويو، مارجي ويل جوابدار وٽان هڪ پسٽل به هٿ ڪيو ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل بچو چوهاڻ ساڍا 3 مهينا اڳ شهيد ٿيل هيڊ ڪانسٽيبل غلام قادر کوسو جي قتل ۾ به ملوث هو

جيڪب آباد ويجهو پوليس پاران مبينا مقابلي دوران ماريل جوابدارشفن عرف شفو سرڪي جي وارثن طرفان ٺل ۾ لاش سوڌو ڌرڻو هنيوويو

جوابدار جي ڀينرن ڪلام پاڪ هٿ ۾ کڻي چيو ته پوليس اسان جي ڀاءُ کي ٺل مان ناحق گرفتار ڪيو هو، اسان جي ڀاءُ کي جيڪب آباد ۾ مقابلو ڄاڻائي ماريو ويو آهي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي انصاف جي اپيل ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته آباد ٿاڻي جي حد چنڊ شاخ وٽ مقابلي دوران شفيق سرڪي مارجي ويو،  مارجي ويل جوابدار وٽان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل، موبائيل فون ۽ پسٽل به هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار خلاف 25 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن

ٻئي پاسي ڪراچي ۾ عزيز آباد ٿاڻي جي پوليس پاران گذريل رات مقابلي بعد گرفتار ڪيل جوابدار پاران هڪ بزرگ شهري جي قتل سميت ڪيترين ئي وارداتن جو انڪشاف ٿيو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اڪرام عرف منا ساٿين سان گڏجي موٽر سائيڪلون ڦر ڪرڻ بعد خضدار جي هڪ خريدار  کي وڪرو ڪندو هو، جوابدار ڪجهه ڏينهن اڳ طارق روڊ تي ڦر دوران مزاحمت  تي هڪ بزرگ شهري کي قتل ڪيو هو، قتل واري واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج به سامهون اچي ويا

هي به پڙهندا

ڪراچي: شهري ڦرلٽ ڪندڙ ڏوهارين مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي، هڪ ڦورو مارجي ويو، 2 گرفتار