ڪوٽڙي: سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 26هين ورسي جي موقعي تي جسقم اڳواڻن نياز ڪالاڻي ۽ ٻين اڳواڻن مٿان ملڪ خلاف تقريرون ڪرڻ، ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ۽ ڪورونا وائرس پکيڙڻ جا ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جسقم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽرنياز ڪالاڻي ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن غازي خان سولنگي، اسرارسنڌي، اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي، شبيرانقلابي، ارباب ڀيل، وقارچانڊيو، واجد تنيو، مومن ويسر سميت ڏهن اڳواڻن کي ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. وڏا ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ 25 نامعلوم ماڻهن تي ٻه الڳ الڳ سرڪارجي فرياد تي ڪيس داخل ڪيا ويا. ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي.