حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 80 هزار 950 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 2 لک 58 هزار 155 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آمري وٽ پاڻي جي سطح 105.8 فٽ ٿي وئي آهي. دادو-مورو پل وٽ پاڻي جي سطح 125.0 فٽ رڪارڊ ڪئي وئي. منڇر جي سطح 120.8 فٽ رڪارڊ ٿي. گڊو بئراج جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 40 هزار 351 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وڪرو هڪ لک 25 هزار 664 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 50 هزار 745 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 47 هزار 15 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو. ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ جا وهڪرا گهٽجي هيٺانهين درجي جي ٻوڏ تي اچي ويا آهن.