ڪوٽڙي: ايس ايس پيز هٽايو: حيدرآباد ۾ شهرين جو اي آءِ جي آفيس آڏو ڌرڻو

0
259

ڪوٽڙي: حيدرآباد ۾ ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي هٽائڻ لاءِ اي آء جي آفيس آڏو شهرين پاران ڌرڻو هنيو ويو. پي ٽي آء حيدرآباد ۽ سول سوسائٽي ڄامشورو پاران سٽيزن ڪالوني کان ريلي ڪڍي اي آء جي حيدرآباد جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻن مهينن کان ڄامشوري ۾ شهري منشيات خلاف سراپا احتجاج آهن پر پوليس اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن. ڄامشوري ۽ حيدرآباد ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات جا سرعام اڏا هلي رهيا آهن. هنن چيو ته پوليس رڳو منٿليون ۽ ڀتا اوڳاڙڻ ۾ پوري آهي، نوجوان نسل تباھ ٿي رهيو آهي، ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي فوري طور هٽايو وڃي.