ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجيءَ ڀرسان نامعلوم ڦورو واپاري کان 15 لک رپيا روڪ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرارٿي ويا. خبر موجب ڪوٽڏيجيءَ ويجهو لياريءَ اسٽاپ وٽ ڪار سوار هٿياربند ڪوٽ بنگلو شھر جي واپاري نادر کوکر کي يرغمال بڻائي 15 لک رپيا روڪ، 14 لکن جا چيڪ، موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان  ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واپاري نادر کوکر ٻڌايو ته آئون خيرپور کان ڪوٽ بنگلو طرف اچي رهيو هئس ته لياري اسٽاپ وٽ ڪار سوار 4 هٿياربندن انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني. بعد ۾هٿياربند روڪ رقم، چيڪ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٻئي پاسي ڪوٽ بنگلو جي واپارين ۽ شھرين ڪوٽڏيجي ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڏياري وڃي.