ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ قائم خان گوپانگ جي رهواسڻ بصران ميگهواڙفالج جي بيماري سبب  12 مهينن کان هڪ کٽ تي بي يارو مددگار پيل، ان ڏس ۾ ڳوٺ قائم خان گوپانگ ۾ رهندڙ 80 ورهين جي پيرسن عورت بصران ميگهواڙ ٻڌايو ته ڀائر، ڀائيٽا، پٽ ۽ پوٽا پيري ۾ فالج جي بيماري سبب ڇڏي ويا آهن، هڪ پوٽو درشن ميگهواڙ سلائي جو ڪم ڪري منهنجي سار سنڀار لهندو آهي، هن ٻڌايو ته برسات سبب منهنجي جاء هنڌان هنڌان ٽٽي پئي آھي، ٻي طرف پيرسن جي پوٽي درشن ميگهواڙ ٻڌايو ته امان ڪراڙي جا پٽ ،پوٽا ۽ ٻيا جيڪي سڀ بسر روزگار آھن  پر انهن سڀني بيماري سبب هن کان منهن موڙي ڇڏيو آھي، هن چيو ته آئون  ڪپڙا سلائي جو ڪم ڪندو آھيان، جنهن مان جيڪا به اجرت ملندي آھي اهي سڀ پنهنجي ڏاڏي تي خرچ ڪندو آھيان، هن وس وارن کان اپيل ڪئي ته ڏاڏي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.