ٽنڊومستي (ن پ ا) تعلقي ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ عبدالواحد باجوا ۾ پورهيتن ساجد علي ڪالهو ۽ عاشق علي گوپانگ جي گهرن کي چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب باهه وڪوڙي وئي. هڪ گڏهه ٽي ڳئون به سڙي زخمي ٿي پيون، ڪتر واري مشين انجڻ، کٽون، بسترا، 2 گڏهه گاڏا ۽ ٻيو گهر جو سمورو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو. متاثرن ٻڌايو ته چلهه جي چڻنگ مان باهه لڳي، فائربرگيڊ گاڏي دير سان پهتي، گهرن ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو .