ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي ويجھو معصوم ٻالڪ ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. خبر موجب ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عزت ماڇيءَ جي رهواسي پورهيت قربان علي شر جو 5 سالا معصوم پٽ سراج علي ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو. وارثن پاران ڪافي ڳولا باوجود نينگر هٿ نه اچي سگهيو. ان سلسلي ۾ معصوم نينگر جي والد قربان شر ٻڌايو ته ٻه ڏينهن معصوم پٽ راند لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتو ته پراسرار طور گم ٿي ويو. اهڙو اطلاع ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي پڻ ڏنو پر پوليس معصوم پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار  ناهي. هن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.