ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب ٽن ٻارن جي مارجي وئي، سڱاوتي تڪرار تان قتل جا چوٻول. خبر موجب ڪوٽڏيجيءَ جي ڳوٺ قاضڪو  مري واسڻ مسمات نسرين ڌيءَ غلام باقر مري گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب شديد زخمي پئي، جنهن کي سندس وارث کڻائي خيرپور اسپتال پهتا، جتي هوءَ زخمن جا سور نه سهندي  فوت ٿي ويئي. ڄاڻايل عورت جي وارثن ٻڌايو ته نسرين جو  ڀاءُ محراب مري پستول صاف ڪري رهيو هو ته اتفاقي فائر ٿيڻ سبب گولي نسرين کي لڳي وئي، جنهن سبب هو شديد زخمي ٿي پئي، کيس فوري طور خيرپور سول اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ڪوٽڏيجي پوليس فوتي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو. ڪوٽڏيجي پوليس موجب معاملو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آھي. ان سلسلي ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن علائقي ۾ اهي پڻ چوٻول آهن ته ناريءَ کي سڱاوتي معاملي تان قتل ڪيو ويو آهي.