خيرپور (رپورٽر) زميني تڪرار تان مبينا طور اغوا ڪيل ڳوٺاڻو پوڻن ٻن مهينن بعد بازياب ٿي گهر پهچي ويو. خبر  موجب ڪوٽڏيجيءَ جي ڳوٺ ابل خان ڪانڌڙو جي رهواسي ڌرين ۾ زميني تڪرار تان 10 جون 2022 تي شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي نواز ميتلو ڀرسان مبينا طور اغوا ٿيل رياض حسين ولد قادر بخش ڪانڌڙو گذريل رات دير سان بازياب ٿي گهر پهچي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڏوهاري مغوي ڳوٺاڻي کي ٽنڊومستيءَ ڀرسان خيرپور- لاڙڪاڻو روڊ تي پوليس چيڪنگ دوران ڇڏي فرار ٿي ويا. ٽنڊو مستي توڙي شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس پاران جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي رياض حسين ۽ سندس ڀاءُ قربان علي ڪانڌڙي خيرپور پهچي صحافين دانهيندي چيو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته اغوا واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.