خيرپور (رپورٽر) ڪوٽڏيجي مان مبينا طور اغوا ٿي ويل نائين ڪلاس جو شاگرد بازياب نه ٿي سگهيو، وارثن جو خيرپور ۾ احتجاج، خبر موجب ڪوٽڏيجيءَ ڀرسان ڳوٺ قبول محمد گوپانگ مان 6 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل نائين ڪلاس جي شاگرد غلام رضا جي بازيابيءَ لاءِ وارثن خيرپور پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. نوجوان جي والد غلام عباس ۽ والده مسمات نوران گوپانگ صحافين کي ٻڌايو ته 6 ڏينهن اڳ مهر ڌر جا بااثر هٿيارن جي زور تي اسان جي نوجوان کي اغوا ڪري ويا هئا. نشاندهيءَ تي ڪجهه ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪرڻ بعد پوليس رشوت وٺي کين آزاد ڪري ڇڏيو. خدشو آهي ته اسان جي نوجوان کي جاني نقصان پهچايو ويندو. هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي فوري طور بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.