ڪوٽڏيجي (رپورٽ امير گوپانگ) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مٺڙي ۾ ڇهين سالانه الحسين والي بال ٽورنامينٽ ٿيو علائقي جا سوين ماڻھو شريڪ ٿيا، رانديگرن جي هر اسٽروڪ ۽ والي لڳائڻ تي شوقينن طرفان گرائونڊ ٻاهران هوڪريا ۽ نعرا هنيا ويا. جڏھن ته هر ماڻھو پرجوش نظر آيو فائننل مئچ ۾ لاڙڪاڻي جي ٽيم دادو جي ٽيم کي دلچسپ مقابلي بعد شڪست ڏني ونر ٽيم جي ڪپتان قربان ڪانڌڙو کي هزارين روپيه ڪيش انعام سان گڏ کيس ونر ٽرافي ملي. سندس سموري ٽيم ۽ سندس حمائتي خوشي منجهان وڏا نعرا لڳائيندا رهيا. جڏھن ته رنر اپ ٽيم جي ڪپتان عمران مغل کي به سماجي اڳواڻن طرفان رنر ٽرافي ۽ ڪيش انعام ڏنو ويو. هوڏانهن مئچ جو فائنل ڏسڻ لاءِ پهتل لالا غفار شيخ، ضمير حسين وساڻ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ظهير حسين گوپانگ، ڊاڪٽر خوشي محمد سوهو، سردار ظھير حاجاڻو ۽ ڪوٽڏيجي جي صحافين سميت ٻين مهمانن شرڪت ڪئي.