خيرپور (رپورٽر) ڪوٽڏيجيءَ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان اميدوارن جي حمايتين شهر کي پ پ ۽ جي ڊي اي اميدوارن جي بينرن ۽ جهنڊن سان سينگاري ڇڏيو. ٻنهي ڌرين جي اميدوارن جي ڪاميابيءَ لاءِ چونڊ سرگرميون زور وٺي ويون. پيپلزپارٽيءَ جي نامزد اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ پ پ ايم پي اي سرگرم ٿي  ويا آهن. چيو پيو وڃي ته ٽائون ڪاميٽي ڪوٽڏيجي تي جي ڊي اي جي گرفت مضبوط آهي، جڏهن ته منظور حسين وساڻ پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پنهنجي پٽ هالار وساڻ ۽ منور وساڻ کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي. ساڳئي وقت اها به حقيقت آهي ته منظور وساڻ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي گهر جي ٽائون ڪاميٽي کٽي نه سگهيو آهي، ڪوٽڏيجي ٽائون ڪميٽي تي هميشه ٽالپر خاندان جا اميدوار ڪامياب ٿيندا رهيا آهن. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن جي چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙين تي جي ڊي اي اڳواڻ مير پنهل ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ منظور وساڻ خلاف سرڪاري مشينري استعمال ڪرڻ جا الزام مڙهيا هئا.