ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪوٽا سسٽم جو مدو ختم ٿيڻ بعد ان تي عمل روڪڻ بابت پاسبان پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت طرفان داخل ڪرايل جواب جي ڪاپي درخواستگذار کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي درخواستگذار کان جواب مٿان جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت پاران عدالت ۾ داخل ڪرايل جواب ۾ ڄاڻايو ته ڪوٽا سسٽم 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 27 تحت 10 سالن لاءِ لاڳو ڪيو ويو ، جيڪو 1985ع ۾ پورو ٿيو، بعد ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي ڪوٽا سسٽم ۾ واڌ ٿيندي رهي آهي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي. 2013ع ۾ ڪوٽا سسٽم ۾ 20 سالن جو اضافو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي پر پارليامينٽ جو مدو ختم ٿيڻ بعد ترميم نه ٿي سگهي هئي. موجوده حڪومت ۾ ڪوٽا سسٽم تي مشاورت لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن پنهنجون سفارشون ڏئي ڇڏيون آهن ، وفاقي ڪابينا انهن سفارشن کي قانوني راءِ لاءِ اٽارني جنرل کي موڪليو آهي، جتان قانوني راءِ ملڻ بعد وزير اعظم حتمي منظوري ڏيندو. وفاقي حڪومت پاران داخل ڪيل جواب ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل درخواست کي رد ڪيو وڃي.