ڪويت سٽي (م ڊ) ڪويت ۾ ويزائن ۽ اقامن جو وڏو اسڪينڊل سامهون آيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب نائب وزيراعظم، گھرو وزير ۽ وقتي بچاءَ واري وزير شيخ طلال الخالد الصباح طرفان قائم ڪيل سيڪيورٽي ڪميٽي گذريل عرصي دوران اقامتي معاملن جي شعبي ۾ خرد برد جو پتو لڳايو. جنهن ۾ الجهره ريزيڊنسي ڊپارٽمينٽ جي 400 ماڻهن جو جعلي رڪارڊ سامهون آيو. ڪميٽي جهرا ريزيڊنسي ڊپارٽمينٽ جي هڪ عورت ملازمه جو به انڪشاف ڪيو جنهن وٽ گھر نه هجڻ باوجود سندس نالي تي رجسٽرڊ ستن مردن جا رهائشي اجازت ناما هئا. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي ملازم عورت پنهنجي نالي تي 5 ڊرائيور رجسٽرڊ ڪرايا آهن، جيتوڻيڪ هوءَ هڪ شادي شده آهي ۽ کيس پنهنجي نالي سان ورڪ ويزا جاري ڪرڻ جي اجازت ناهي. ڪاميٽي معلوم ڪيو ته هڪ نار شهري پنهنجي نالي تي 7 بنگلاديشي داخل ڪرايا آهن، ۽ انهن جي فيس جمع ناهي ڪرائي. مختلف قومن جي پرڏيهي وزٽ ويزائن سان گڏوگڏ واپاري وزٽ ويزائن ۾ به واڌ ڏني وئي. ذريعن تصديق ڪئي آهي ته ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ فرسٽ ڊپٽي پرائم منسٽر کي پيش ڪئي ۽ هو 20 ملازمن جنهن ۾ مختلف رينڪ جي آفيسرن کي سموري غير قانوني طور تي مڪمل ڪيل ڏي وٺ جي دستاويزي ثبوت هجڻ بعد جهرا ريزيڊنسي ڊپارٽمينٽ ۾ جاچ اختيارين حوالي ڪن.