ڪووڊ ڪٿا ۽ مستقبل جي  ڪائناتي ڪلا

0
384

 اڪثر ڪري باشعور ماڻھو نجومين طرفان ٿيندڙ اڳڪٿين تي ڀروسو ناھن ڪندا ، پر اسان وٽ ھڪ طبقو اھڙو به آھي جيڪو نجومين طرفان ٿيندڙ اڳڪٿين کي ٽڪ سمجھي انھن جي حقيقت ۾ تبديل ٿيڻ جو انتظار ڪندو آھي، بھرحال ھر ھنڌ  مختلف نظرين ۽ فڪر ذڪر جا ماڻھو ملي ويندا.  ماسڪو سان تعلق رکندڙ ھڪ روسي ليکڪا جنھن پنھنجي ٽيھه سالن جي ڪيريئر ۾ ڏيڍ سؤ کان مٿي ڊاڪيومينٽري فلمن لاءِ لکيو، ٽيھه کان مٿي ڪتابن جي خالق ۽  پيشنگوئين جي ماھر  مائي ٽاٽيانا بورش تنھن 2019ع ڌاري 2020ع ۽ 21ع کي ڪيترن ئي حوالن سان خراب هئڻ جي پيشنگوئي ڪئي ھئي. انھي پنھنجي ھڪ تازي آرٽيڪل ۾ لکيو آھي ته “اسين ھن وقت ھڪ نئين دنيا کي جنم وٺندي ڏسي رھيا آھيون. جنم ھميشه تڪليفده ھوندو آھي جڏھن ته جنم ڏيندڙ امڙ جي دردن جي ڪٿا امڙ ئي ڄاڻي ۽ سندس جسم ويم سبب ڪيترين ئي تبديلين کي پڻ جنم ڏيئي ٿو پر ھڪ ڳالھه طئي آھي ته جنم ھميشه والدين توڙي عزيزن لاءِ خوشين جو ڪارڻ پڻ ھوندو آھي. ساڳي طرح وقت حاضر لاءِ به اھو ئي چئي سگھجي ٿو جيڪي ٻار 2020ع ۽ ان کان پوءِ جي سالن ۾ پيدا ٿيندا اھي يقينن غير معمولي اھليت ۽ اھميت وارا ھوندا.”
پاڪستان ۾ ڪورونا وبا کي آئي تقريبن تيرھن مھينا کن گذري ويا آھن ۽ انھن تيرنھن مھينن ۾ دنيا ڪٿان جو ڪٿي وڃي پھتي آھي. گذريل سال جڏھن ڪورونا شروع ٿي ته انتھائي خوف واري صورتحال ھئي جيڪا يقينن اڄ به آھي پر انجي خلاف اسان جو رد عمل مختلف آھي جنھن جو سڀ کان وڏو سبب ڪالھه اسين مايوس ۽ نا اميد ھئاسين پر اڄ اسين پراميد آهيون. ھڪ طرف پوري دنيا ۾ ڪورونا خلاف ويڪسين  مارڪيٽ ۾ موجود آھي ته ٻئي طرف ھاڻ ته دواساز ڪمپنين مستند علاج (گورين ذريعي) لاءِ مختلف دوائن کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ سندرا ٻڌيو بيٺيون آھن ۽ شايد سال جي آخر تائين اھي دوائون مارڪيٽ ۾ موجود ھجن. ھن وقت پاڪستان ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ ساڍا اٺ لک ٽپي چڪو آھي جنھن مان پنجاسي ھزار کان وڌيڪ مريض اسپتالن يا گھرن ڀيڙا آھن جتي ھو آئسوليشن يا ڪورنٽائين ٿي ڪري ڪورونا کان جان آجي ڪرائڻ جي جدوجھد ۾ مصروف آھن. ٻئي پاسي پوري پاڪستان ۾ وبا جي گذريل تيرھن مھينن ۾  ساڍا ارڙھن ھزار کان مٿي ماڻھو ڪورونا جي ڪلورن جي ڪري پنھنجي جان وڃائي چڪا آھن. جنوري ۽ فيبروري  تائين ڪورونا جي ڪيسن ۾ ڪافي بھتري اچي ويئي ھئي ۽ ٽوٽل پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن جو تعداد ڏھ ھزار کان به گھٽ وڃي بچيو ھو پر سڄي دنيا وانگر مارچ ڌاري پاڪستان ۾ ڪورونا جي ٻي لھر منھن ڪڍيو ۽ ھڪ دفعو ٻيھر ڪيس وڌڻ شروع ٿيا ۽ مارچ اپريل ۾ ته ڪيسن گذريل سال وارا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا پر ھن سال ھڪ تبديلي اھا ھئي ته ڪيسن جي گھڻائي سنڌ بجاءِ پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ھئي. اڃان پاڪستاني حڪومت ڪورونا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لائحه عمل ۾ مصروف ھئي ته پاڙيسري ملڪ ھندوستان کي وبا جي ٻي لھر اھڙو ته سوگھو ڪيو جو دنيا حيران ٿي ويئي، روزاني جي حساب سان سراسري طور ساڍا ٽي لک  کان مٿي مريض رپورٽ ٿيڻ لڳا ۽ ساڍا ٽي ھزار کان مٿي ماڻھو روز جي حساب سان مرڻ لڳا. ھڪ وقت اھڙو به آيو جو ھندوستان ۾ ھڪ مھيني اندر ظاھر ٿيل ڪيسن جو تعداد پوري دنيا جي ڪيسن جو اڌ ٿي ويو. ھڪ طرف  اسپتالن ۾ بسترا  اڻلڀ ته ٻئي طرف آڪسيجن جي نه ھجڻ سبب ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪ بيوس ۽ لاچار ٿي ويو ۽ انساني ڀلائي جي واسطي آمريڪا جرمني ۽ روس سميت مختلف ملڪن ھنگامي بنيادن تي امدادي سلسلو شروع ڪيو پر بظاھر اڄ ڏينھن تائين جي صورتحال اھا آھي ته ھندوستان ۾ ڪورونا جي ڦھلاءَ ۾ ڪابه  ڪمي نه آئي آھي ۽ نه وري وبا سبب ماڻھن جي مرڻ جو سلسلو گھٽيو آھي. ھندوستان ۾ آيل ٻي لھر سڄي دنيا سميت پاڪستان جي حڪومت توڙي ماڻھن جا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا. جڏھن وبا جي ٻي لھر شروع ٿي ته چين پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ڪورونا خلاف ٺاھيل ويڪسين عطئي طور موڪلي پر سوشل ميڊيا تي  يورپ ۾ ويڪسين جي ايندڙ خرابين سبب ماڻھن ۾ ھڪ خوف پئدا ٿيو ايستائين جو عام ماڻھو ته پنھنجي جاءِ تي پر صحت سان منسلڪ ماڻھن به ويڪسين ھڻائڻ کان لاچاري ڏيکاري. جيئن جيئن ھندوستان ۾ وبا جي ٻي لھر پکڙجڻ جون خبرون ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا جي زينت بڻجڻ شروع ٿيون تيئن تيئن ماڻھن کي سجاڳي آئي ۽ ويڪسين سينٽرن تي رش وڌڻ لڳي. ھن وقت پوري پاڪستان ۾ ويڪسين لڳرائڻ ۾ ڪافي تيزي آئي آھي ۽ ھاڻ تقريبن ڏيڍ کان ٻه لکن جي وچ ۾ روزاني جي بنياد تي ويڪسين لڳي رھي آھي. جيڪڏهن ويڪسين ۽ ماڻھن جو پاڻ بچاءَ وارو رويو ٺيڪ رھيو ته ڪجھه وقت کان پوءِ کڻي سو سيڪڙو وبا ختم نه  ٿي سگھي پر اميد آھي ته حالتون بھتر ٿي وينديون.
عالمي صحت جي اداري ڊبليو ايڇ او سميت ٻين تنظيمن جي خيال ۾ ڪورونا وبا جي ختم ٿيڻ جا آثار نظر ڪونه پيا اچن ، ٿي سگھي ٿو  اسان کي ڳچ وقت انھي ڦھلجندڙ وبا سان گڏ گذارڻو پوي، تنھن ھوندي به انھن ٻارھن تيرھن مھينن جي وبا انساني زندگي تي وڏي پيماني تي تبديليون آنديون آھن ۽ اثر انداز ٿي آھي، اھي تبديليون ھاڻ مستقبل ۾ به اڻٽر آھن.
ورلڊ ايڪنامڪ فورم پنھنجي ھڪ رپورٽ ۾ ڪورونا کان پھريان ۽ پوءِ واري وقت تي زندگي جي ڪاروهنوار جي مختلف شعبن جي اھميت  تي روشني وڌي آھي. انھن شعبن کي ڏسڻ ۽ سمجھڻ ھن وقت توڙي ايندڙ وقت جي اھم ضرورت آھي ڇوته اسان پنھنجي لاءِ يا پنھنجي اولاد جي مستقبل جا فيصلا ڪنداسين ته گھٽ ۾ گھٽ ھڪ  عددي مدد  ۽ رھنمائي ملي ويندي. رپورٽ موجب ڪورونا وبا ۾ سڀ کان وڌيڪ اھميت ڪوريئر ڪمپنين کي ملي جن واھپي جون مختلف شيون گھرن تائين پھچائڻ جو ڪم ڪيو. انھي شعبي ۾ 2019ع جي مقابلي ۾ 2020ع تائين 90 سيڪڙو  واڌ آئي، اھڙي طرح اي ڪامرس جي بزنس کي ھڪ نئون جھان مليو. دنيا ۾ پروفيشنل ۽ انفرادي ڪوچز جي گھرج ۾ پڻ اضافو ٿيو جيڪي آن لائين ويھي ڪري مختلف بزنس ۽ ماڻھن کي ڪاميابي جا  گر سيکاري سگھن، رپورٽ موجب اھڙن ماڻھن جي گھرج ۾ به 51 سيڪڙو واڌ آئي. جتي ڪورونا وبا ماڻھن کي مختلف حالتن ۽ سببن جي ڪري پريشان ڪيو اتي ماڻھو خوف ۽ غير يقيني صورتحال ۾ مبتلا ٿيا جنھن سبب دماغي صحت جي ماھرن جي گھرج ۾ 2019ع جي ڀيٽ ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو.
ڪورونا وبا کان پھريان به دنيا ڊجيٽلائزيشن ۾ ڪافي ترقي ڪئي پئي پر وبا کان پوءِ ھن دنيا کي 33 سيڪڙو وڌيڪ  ڊجيٽلائزيشن جي ماھرن جي ضرورت پئي ۽ ايندڙ ڪجھه سالن ۾ انھن ۾ اڃان اضافو ٿيندو. جڏھن کان صنعتي  ترقي عروج ورتو آھي اتي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ماھرن جي گھرج ۾ پڻ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي ۽ اھو اضافو صنعتي ترقي ۾ انقلاب برپا ٿيڻ لاءِ ضروري آھي. ڪورونا جي وبا سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر شعبو تعليم جو ٿيو آھي جنھن سڄي دنيا جي ماڻھن کي پريشان ڪيو آھي، ھڪ طرف تعليمي ادارن جي لاڪ ڊائون سبب کلڻ بند ٿيڻ سبب ھڪ غير يقيني واري صورتحال جا مسئلا آھن ته ٻئي طرف  وري تعليم جي فاصلاتي ۽ مختلف طريقن  سبب تعليمي ماھرن جي گھرج ۾ ڪورونا کان اڳ واري دور جي برعڪس 20 سيڪڙو واڌ آئي آھي. رپورٽ مطابق آخري شعبو صحت آھي ۽ صحت جي شعبي ۾  ڊاڪٽرن توڙي فارماسسٽس کان 20 سيڪڙو  وڌيڪ گھرج نرسن جي وڌي آھي.
جيڪڏهن اوھين والدين طور پنھنجي ٻارڙن جا فيصلا ڪيو ٿا ، اوھين پاڻ بالغ نوجوان آھيو پنھنجي مستقبل جا فيصلا پاڻ ڪريو ٿا يا اوھين استاد يا مددگار جي ڪردار ۾ پنھنجي شاگردن يا ساٿين جي ھمت افزائي ۽ مستقبل جا فيصلا ڪريو ٿا ته ڪووڊ ڪٿا ۽ مستقبل جي ڪائناتي ڪلا کي  ڏسندي  ضرورت پٽاندڙ ۽ وقتي فيصلا ڪريو، جيئن تيزي سان تبديل ٿيندڙ وقت جي رفتار سان گڏ ھلي ڪري ڪامياب زندگي گذارجي، ٻي صورت ۾ تباھي جو طوفان پنھنجي عروج ۽ دم خم سان تباھي جي لاءِ تيار بيٺو آھي.