نوري آباد (رپورٽ: عالم پالاري) ڪوهستاني علائقن ۾ ڪريش پلانٽن ۽ ريتي بجري جي دڪن سبب جر جو پاڻي ختم ٿيڻ لڳو آهي، جنهن ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ڪوھستان واسين احتجاجي مظاھروڪيو. ڪوھستان جي ماڻھن کي بنيادي سھولتون مھيا ڪرڻ لاء سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير پالاري حڪيم پالاري شاھ محمد چانگ قادر پالاري، ڪمال پالاري، نظير جان شورو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. هنن چيو تہ جهمپير لڳ ڪوهستاني پٽي جي لوياڇ نئين ڪَلو ندي ۽ آس پاس ۾ ريتي بجري کڻڻ لاء قائم دڪا ۽ ڪريش پلانٽ مقامي آبادي لاء خطرو بڻجي ويا آھن، ريتي بجري کَڄڻ ڪري ريلوي ٽريڪ ۽ سُئي گئس لائين جي متاثر ٿيڻ سان گڏوگڏ زرعي بيلٽ به سخت متاثر ٿيڻ لڳو آھي، ھنن چيو تہ ريتي بجري کڄڻ جي ڪري ڪوهستان ڏڪار جي ور چڙهي ويو آھي، ڪوهستان ۾ پاڻي جو واحد ذريعو به ختم ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو، ريتي بجري جي ڌڪن سبب لڳايل هينڊ پمپ بورن جو پاڻي به ختم ٿيڻ لڳو آھي، زير زمين پاڻي جي سطح ختم ٿيڻ ڪري ڪوهستان واسي سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن. ھنن چيو تہ ريتي بجري جي دڪن توڙي چوري سبب ڪوهستان جي ماحوليات به سخت متاثر ٿيڻ لڳي آھي جهنگلي جيوت به خطري ۾ آھي. ھنن چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال ۾ وچرندڙ بيماريون ڦھلجڻ ڪري وڏي تعداد ۾ چوپايو مال مرڻ لڳو آھي، ٺٽو وايا جھمپير روڊ تباھ حال بڻيل آھي، يحت، تعليم، روڊ، رستي، روزگار جو وڏو فقدان آھي، ھنن گھر ڪئي تہ فوري طور تي ريتي بجري ۽ ڪريش پلانٽن جون ليزون رد ڪري ڪوهستاني علائقي واسين کي تباهي کان بچائي ڪوھستان واسين کي سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن