ٿاڻوبولاخان ( ن پ ا ) چوماسي برساتن کانپوء  محال ڪوھستان ۾  مليريا ۽  ڊائيريا تيزي سان پکڙجڻ  لڳي آھي. ڏورانھين علائقن ۾ صحت جون سھولتون اڻ لڀ ھجڻ سبب ماڻھو سوين ڪلو ميٽر پنڌ ڪري تعلقي اسپتال ٿاڻو بولاخان اچڻ تي مجبور آھن ڏورانھن علائقن ۾ موبائل ميڊيڪل ٽيمون موڪلي علائقي واسين کي ريلف ڏيڻ جي گھر   چوماسي برساتن کانپوء علائقي ۾ پاڻي بيھجي وڃڻ ڪري مڇرن، مکين  جو آزار وڌي وڃڻ ڪري مليريا تيزي سان پکڙجي رھي آهي، روزانو 30 کان 40 مريض ڊائيريا جا تعلقه اسپتال ٿاڻوبولاخان اچڻ لڳا آھن جابلو علائقن ۾ قائم پي پي ايڇ آءِ سينٽرن کي تالا لڳل آهن. تعلقه اسپتال ٿاڻو بولاخان جي ايم ايس ڊاڪٽر ھيمن داس ٻڌايو ته برساتن کانپوء علائقي ۾ مليريا ۽ ڊائيريا پکڙجي ويئي آھي جنھن جو سبب بيٺل پاڻي آھي جنھن ڪري مڇرن ۽ مکين جو آزار وڌي وڃڻ ڪري ماڻھن ۾ مليريا ۽ ڊائيريا پکڙجي رھي آھي.