ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل ڀرسان مقامي ھوٽل ۾ ترسيل برسات متاثر ڳوٺ ٻٻر ڪانڌڙا واسي معمولي ڳالھه تان پاڻ ۾ وڙھي پيا، ڏنڊا لڳڻ سبب پيرسن عورت فوت، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. تفصيل موجب  ڪولاب جيئل ڀرسان دعا چوڪ باءِ پاس وٽ مقامي ھوٽل ۾ ترسيل ڪانڌڙا برادريءَ سان تعلق رکندڙ برسات متاثر ٻارن جي معمولي ڳالھه تان وڙھي پيا، نتيجي ۾ لٺيون لڳڻ سبب 60 ورهين جي حسنا خاتون زال ساجن ڪانڌڙو سخت زخمي ٿي پئي، جنھن کي ٽنڊو مستي پوليس جي ليٽر بعد سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هوءَ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي. پيرسن عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ھواڏانھن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو، نه وري جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي ھئي.