ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل لڳ ڳوٺ ننگر خان چانڊيو ۾ پنج سالا معصوم نينگر بيٺل برسات جي پاڻي ۾ پير ترڪڻ سبب ڪري ٻڏي فوت ، گھر ۾ ڪھرام تفصيل موجب ، ڪولاب جيئل لڳ ڳوٺ ننگر خان چانڊيو ۾ پورھيت عمران علي چانڊيو جو پنج سالا معصوم نينگر فرحان علي گھر ڀرسان بيٺل برسات جي پاڻي ۾ اوچتو پير ترڪڻ سبب ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو ، جنھن جو لاش پاڻي جي تلاء مان ڪڍي گھر آندو ويو ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا ، ياد رھي ته برسات جي پاڻي ۾ ٻڏڻ جو ھي ٽيون واقعو پيش آيو آھي ، جڏھن ته ڳوٺ غلام حيدر ھوندل ۾ ماڙوائي برادري جو اٺ سالا نينگر ساگر پٽ گوڪل مل گھر ڀرسان برسات جي بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو ھيو ۽ ڳوٺ محمد شريف ڪانڌڙو ۾ پڻ چاليھ سالا عورت مسمات قائمان خاتون زال علي دوست ڪانڌڙو جيڪا به برسات جي بيٺل پاڻي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي ھي، اھڙي قسم جي واقعن وڌڻ کان پوء علائقي واسي سخت پريشان حال آھن ۽ انھن اعلا اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته جلد کان جلد ڳوٺن ۾ بيٺل برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائي زندگيون بچايون وڃن.