ڪولاب جيئل (ن پ ا) ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڊرٻ روزي ۾ سعدالله پٽ ھدايت الله چانڊيو پنھنجي زال بشيران کي سندس پيءُ غلام شبير چانڊيو جي گھر ۾ پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو ، اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو ، جنھن کان پوءِ پوليس پھچي مقتول ناري جي لاش کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي واقعي بابت تفصيل ورتا ۽ ناري جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال خيرپور نيو ويو ، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان پوء لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، جڏھن ته لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ، ٻئي پاسي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻئي زال مڙس ڪافي ڏينھن کان ناري جي پيءُ جي گھر ۾ رھندا ھيا ۽ جوابدار پنھنجي گھر واري کي بار بار پنھنجي گھر ھلڻ لاءِ چوندو رھيو ، جنھن تي ناري جي انڪار ڪرڻ کان پوء سندس مڙس کيس قتل ڪيو آھي ، جڏھن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آھن کيس جلد گرفتار ڪري ڪيفري ڪردار تائين پھچائي انصاف ڪيو ويندو ، ھوڏانھن ذريعن موجب جوابدار گھر خالي ڪري ھليا ويا آھن.