جيڪب آباد (ڳالهه ٻولهه: عبدالغني کوسو) پ پ پاران ضلعي جيڪب آباد لاءِ نامزد ٿيل چيئرمين طاهر کوسو چيو آهي ته ضلعي هائوس جو ڪم ٻهراڙي جي يوسيز سان تعلق رکي ٿو، ٻهراڙي جي علائقن ۾ تعليم، صحت، واٽر سپلاءِ، ڊرينج اسڪيمن جي بحالي سميت جن علائقن ۾ برساتن جو پاڻي بيٺل آهي اتان نيڪال ڪرائڻ پهرين ترجيح هوندو، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته حلف کڻڻ بعد سنڌ حڪومت ڏانهن  هڪ تجويز موڪليي ويندي جنهن ۾ اهم نقطو اهو شامل ڪنداسين ته ضلع ڪائونسل هائوس کي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڇو ته پراڻي دور ۾ ضلع ڪائونسل هائوس ٽيڪس اوڳاڙيندو رهيو آهي، اسان جو ضلعو بلوچستان جي بارڊر تي آهي، ٽيڪس اوڳاڙي سان ڪيترائي اهم بنيادي مسئلا حل ٿيندا، هن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ سرڪار پاران صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي ذريعي جن علائقن ۾ ٽف ٽائل، سولر سسٽم، واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينج اسڪيمن سميت ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن انهن جو رڪارڊ موجود آهي، ضلع هائوس فعال ٿيڻ کانپوءِ ان اسڪيمن جي رپيئر يا مينٽنس ڪرايو ويندو، جيئن انهن اسڪيمن مان عوام کي لاڀ ملي سگهي، ڪراچي مان واپار جي شعبي ۾ گريجوئيشن ڪندڙ طاهر کوسو 2002 ۾ سياست ۾ آيو، ٺل ۾ پهريون ڀيرو صوبائي تڪ پي ايس 15 تي ڊاڪٽر سهراب سرڪي خلاف چونڊن ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ هارائي ويو، جڏهن ته 2015 ۾ اڳوڻي ايم پي اي مير حسن خان کوسو جي فوت ٿيڻ کانپوءِ دينپور جي کوسا برادري پاران سياسي جانشين طور باضابطا طور سامهون اميدوار بڻجي آيو ۽ سياست ۾ سرگرم رهيو، 2018 جي چونڊن ۾ ٺل جي صوبائي سيٽ تي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ٻيهر پ پ اميدوار ڊاڪٽر سهراب سرڪي خلاف اليڪشن ۾ حصو ورتو پر ٻئي ڀيري به حارائي ويو، جنهن بعد هن پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي، پ پ قيادت پاران کيس ضلع چيئرميني لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.