ڪراچي:  اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته آئون ۽  منهنجا 3 ڀائر فيڪٽري ۾ موجود هئا، آئون واپس آيس ته فيڪٽري ۾ باهه لڳل هئي، مون ۽ ساٿي مزدورن وڏي ڪوشش ڪئي پر باهه تي ضابطو نه اچي سگھيو، ڪپڙو ۽ ڪيميڪل هجڻ سبب باهه تيزي سان پکڙجندي وئي. هن چيو ته باهه سبب منهنجا 3 ڀائر فوت ٿي ويا، فائربرگيڊ وارا دير سان پهتا. هن چيو ته منهنجا ڀائر فرمان، فرحان ۽ عرفان شادي شده هئا، اسان جو سڄو گھر اجڙي ويو. واقعي جي جاچ ڪرائي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي