راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ هٿياربند فوج ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ سول انتظاميا جي ڀرپور مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ عالمي، علائقائي ۽ اندروني صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ خيبر پختونخواهه ۾ نون ضم ٿيندڙ ضلعن جي سيڪيورٽي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ اوڀر سرحدن، ايل او سي جي صورتحال ۽ پاڪ – ڀارت ڊي جي ايم اوز طرفان جنگبندي تي اتفاق کانپوءِ جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙ پاڪ آرمي جي آپريشنل تيارين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪانفرنس ۾ اندروني سلامتي جي صورتحال سميت ڪورونا جي ٽين لهر جو جائزو ورتو ويو ۽ هٿياربند فوج ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ سول انتظاميا جي ڀرپور مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ڪشميرين جي جدوجهد سان ڀرپور يڪجهتي جو عزم به ظاهر ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ افغان امن عمل لاءِ هن وقت تائين ڪيل ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ڪانفرنس ۾ دوست ملڪن سان عسڪري لاڳاپن بابت آگاهي ڏني وئي.