ڪورونا ۾ واڌ: آءِ پي ايل جا سمورا ميچز ملتوي ڪيا ويا

0
351

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ جاري آءِ پي ايل ٽورنامينٽ جي ڪجهه ٽيمن جي رانديگرن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪورونا جي مثبت ڪيسن وڌڻ سبب آءِ پي ايل کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سڀ کان پهرين ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي رانديگرن ۾ ڪورونا مثبت آيو، جنهن بعد حيدرآباد سن رائيزرس ۽ ٻين ٽيمن جي رانديگرن ۾ به ڪورونا مثبت اچڻ بعد ٽورنامينٽ کي ملتوي ڪيو ويو آهي. آءِ پي ايل جي چيئرمين برجيش پٽيل تصديق ڪندي ٻڌايو ته اهڙو فيصلو رانديگرن جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.