لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڪورونا وائرس جي خطري جي ڪري پنهنجون آفيسون اربع تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي سي بي ذريعن موجب آفيسون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ واڌ سبب ڪيو آهي. گذريل هفتي دوران پي سي بي جي پنج ملازمن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي، ڪورونا وائرس سبب پي سي بي جي 70 سيڪڙو ملازم اڳ ئي گهرن مان ڪم ڪري رهيا هئا، پر هاڻ آفيسون مڪمل طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.