ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي، وڌيڪ 75 مريض فوت

0
191

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 75 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 20 هزار 540 ٿي ويو، وائرس جا 2 هزار 726 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اين سي او سي موجب ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، مثبت ڪيسز جي شرح 4. 3 سيڪڙو رهي، هيل تائين متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 11 هزار 302 ٿي ويو ۽ ڪورونا جا 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن، اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ هيل تائين مجموعي طور تي 15 لک 13 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين لڳائي وئي آهي.