ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪورونا 105 حياتيون کسي ورتيون، 5312 نوان ڪيس ظاهر، وائرس جي شرح 9.67 سيڪڙو ٿي وئي، ٻئي طرف سنڌ ۾ڪورونا 2 شهري فوت ٿي ويا، وائرس جا وڌيڪ 314 نوان ڪيس ظاهر ٿي ويا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 6167 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 5525 گهرن ، 12 آئسوليشن سينٽرن ۽ 330 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، 303 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 38 مريضن کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ 165، حيدرآباد 27 ، سکر ۾ 16، سجاول ۾ 10، مٽياري ۽ ٺٽي ۾ 7-7، بدين، گهوٽڪي، جيڪب آباد، قمبر، ڪشمور، سانگهڙ، شڪارپور ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 5-5، دادو، خيرپور، نوشهروفيروز ۽ عمرڪوٽ ۾ 4-4، ٽنڊومحمدخان ۾ 3، ڄامشوري ضلعي ۾ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهيڻ ٻئي طرف سنڌ حڪومت اڄ ڇنڇر ۽ سڀاڻي پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ويندڙ ۽ ايندڙ بين الصوبائي پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندي لڳائي ڇڏي، ٽرانسپورٽ کاتي جي اختيارين موجب ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب 25 اپريل تائين پابندي لڳل رهندي. هوڏانهن حيدرآباد ۾ ويڪسين لڳڻ باوجود سروسز اسپتال جي اي ايم ايس کي ڪورونا ٿي پئي آهي جنهن کي سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ڪورونا سبب جمعي ۽ آچر تي هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند رکڻ واري حڪومتي فيصلي هيٺ مختلف شهرن م پوليس زبردستي ڪاروبار بند ڪرايو ، جنهن دوران واپارين ۽ پوليس ۾ چڪريون پڻ ٿيون هوڏانهن وفاقي سرڪار 50 کان 60 سيڪڙو نتيجا ڏيندڙ چيني ڪمپني جي ويڪسين ڪورونا ويڪ استعمال ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن جا ايمرجنسي ۾ 2 ڊوز لڳائڻا پوندا.