ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا واري وبا دوران وڌ ۾ وڌ 157 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 5908 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح ٻيهر وڌي 11.27 سيڪڙو تي پهتي، واضح رهي ته 20 جون 2020ع تي 153 شهري فوت ٿيا هئا، جڏهن ته ملڪ ۾ فوتگين جو انگ 17000 ٿي ويو، جڏهن ته جملي ڪيس وڌي 790016 ( لڳ ڀڳ 8 لک) تي پهتا، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 6 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 923 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته هن وقت صوبي ۾ ڪورونا ۾ مبتلا 10861 مريضن جو علاج هلندڙ آهي، جن مان 10263 گهرن، 10 آئيسوليشن سينٽرن ۽ 498 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. 464 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي، جن مان 52 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ 559، حيدرآباد ۾ 95، ٺٽي ۾ 64، سکر ۾ 41، لاڙڪاڻي ۾25، مٽياري ۾ 22، شڪارپور ۽ ڄامشوري ۾ 17، 17، سجاول ۾ 14، قمبر ۾ 12، گھوٽڪي ۾ 8، خيرپور ۾ 7، ٽنڊي محمد خان ۾ 5، نوابشاھه ۾ 4، ميرپورخاص ۾ 3، دادو، سانگھڙ ۽ ڪشمور ۾ 2-2، بدين ۽ نوشھري فيروز مان ھڪ ھڪ وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هوڏانهن عمرڪوٽ ضلعي ۾ 15 ڄڻن پاري ٻائي، مسمات عامر خاتون، گوري، ڀڳوان داس، يعقوب علي، ملوڪ، روي، علي احمد ۽ ٻين جي ڪورونا پازيٽو اچڻ بعد کين گهرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ميرواهه گورچاڻي جي سومرا ڪالوني واسي مجتبيٰ آرائين کي ڪورونا ظاهر ٿيڻ بعد گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف گمبٽ جي اداري گمس ۾ ليور (جيري ) جي ٽرانسپلانٽ لاءِ آيل سيالڪوٽ واسي مريض عامر علي، سوڀوديرو واسي 75 سال جي حاڪمزادي، ٺري ميرواهه واسي ڊسپينسر فرزند لغاري ۽ سکر واسڻ 68 سال جي بشيران ڪلوڙ فوت ٿي ويا. هوڏانهن لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ وڌيڪ 3 مريض فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ 48 ڪلاڪن دوران فوتين جو انگ 6 ٿي ويو، ڪورونا وگهي فوت ٿيلن جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد سندن گهرن ڏانهن اماڻيا ويا. هوڏانهن حيدرآباد سول اسپتال ۾ ٽنڊو الهيار واسي 65 سالن جو فقير محمد پٽ محمد عثمان فوت ٿي ويو. ضلعي ۾ فوتين جو انگ 311 ٿي ويو . ٻئي طرف ڪراچي ۾ جمعي ۽ آچر، اسلام آباد ۾ ڇنڇر ۽ آچر ۽ سنڌ جي حيدرآباد، سکر سميت مختلف شهرن ۾ وري جمعي ۽ ڇنڇر تي ڪاروبار بند ڪرائڻ سبب شهري ڏچي هيٺ اچي ويا آهن
اسلام آباد / ڪراچي (نمائندن وٽان) اين سي او سي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا ڪيسن ۾ اضافي وارن شهرن ۾ موجوده صورتحال برقرار رهي ۽ اسپتالن تي دٻاءُ وڌي ويو ته اسٽيڪ هولڊرن جي مشاورت سان لاڪ ڊائون ڪري سگهون ٿا، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيل اين سي او سي جي اجلاس ۾ ملڪ اندر ڪورونا ڦهلاءَ وارن شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻ وارين تجويزن تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لاڪ ڊائون جو فيصلو سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي مشاورت بعد ڪيو ويندو، اجلاس ۾ لاڪ ڊائون دوران تعليمي ادارن جي مڪمل بندش، انٽرسٽي ٽرانسپورٽ، مالز ۽ مارڪيٽن کي بند ڪرڻ جي تجويزن تي به اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ چيو ويو ته صوبائي حڪومتن جي درخواست تي پاڪ فوج سان گڏ رينجرز ۽ ايف سي جون خدمتون به صوبن کي ڏنيون وينديون، اجلاس ۾ بين الصوبائي عوامي ٽرانسپورٽ جي هفتي ۾ 2 ڏينهن واري بندش جي مدي ۾ 17 مئي تائين واڌ ڪئي وئي، اجلاس ۾ ملڪ اندر اسپتالن ۾ آڪسيجن جي موجودگي ۽ فراهمي تي به بريفنگ ڏني وئي، ٻئي طرف وفاقي وزير اسد عمر نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت آڪسيجن جي روزاني پيداوار 710 ميٽرڪ ٽن آهي، جڏهن ته اسپتالن کي 480 ميٽرڪ ٽن آڪسيجن روزاني فراهم ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته 140 ٽن آڪسيجن ڊسٽريبيوٽرن ذريعي آڪسيجن سلينڊرز ۾ ڏني پئي وڃي، سلينڊرز ذريعي ملندڙ آڪسيجن گهرن ۾ موجود مريضن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾ هن وقت به 80 ميٽرڪ ٽن اضافي آڪسيجن جي پيداوار جي صلاحيت موجود آهي، آڪسيجن جي درآمد جي آپشن تي سنجيدگي سان غور ڪيو پيو وڃي، اين سي او سي جو اڄ به اجلاس ٿيندو جنهن ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، آڪسيجن درآمد بابت غور ڪيو ويندو، هن چيو ته صنعتن کي هنگامي حالتن ۾ آڪسيجن جي سپلاءِ گهٽائڻ جو منصوبو پڻ غور هيٺ آهي، هن چيو ته ملڪ جي اسپتالن ۾ 60901 بيڊن جو اضافو ڪيو ويو، جن ۾ 28011 آڪسيجن بيڊ ۽ 431 وينٽيليٽر به شامل آهن، وفاقي حڪومت ڪورونا جون ٽيسٽون پڻ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان لاءِ اين ڊي ايم اي کي 5 لک ٽيسٽ ڪٽن جو ذخيرو رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي هوڏانهن ڪراچي جي گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته انڊيا ۾ ڪورونا سبب صورتحال خراب آهي، اتي انڊسٽريل آڪسيجن کي به ميڊيڪل آڪسيجن طور استعمال ڪيو پيو وڃي پر پوءِ به صورتحال ڪنٽرول ۾ نه پئي اچي، هن چيو ته اسان وٽ به صورتحال اطمينان بخش ناهي، اسان وٽ پيدا ٿيندڙ آڪسيجن جو 90 سيڪڙو استعمال ۾ آهي، ايئن به ناهي جو اسان آڪسيجن امپورٽ ڪنداسين ته اها استعمال ٿي ويندي، اسان جو سپلاءِ نيٽ ورڪ اجازت ئي نٿو ڏئي ته اسان ڪنهن خاص حد کان وڌيڪ آڪسيجن سپلاءِ ڪري سگھون، هن چيو ته ڀارت ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 17 ۽ پاڪستان ۾ 11 سيڪڙو آهي، هفتي ڏيڍ تائين ڪورونا شرح ۾ گھٽتائي نه آئي ته صورتحال خراب ٿي ويندي، هن چيوته ڪورونا اچڻ شرط اسان هيلٿ سسٽم تي ڌيان ڏنو، جيڪڏهن هيلٿ سسٽم بهتر نه ڪريون ها ته هينئر صورتحال تمام گھڻي خراب هجي ها. لاهور ۾ 90 ، ملتان ۾ 85 سيڪڙو ۽ ٻين شهرن ۾ آءِ سي يوز مڪمل طور ڀرجي چڪا آهن، اتي ڪنهن ٻئي مريض کي رکڻ جي جڳهه به ناهي، ڪراچي ۾ لاهور، ملتان، گوجرانوالا جي ڀيٽ ۾ ڪورونا گھٽ آهي، انهي ڪري سپلاءِ لائين بحال آهي، الله نه ڪري، ڪراچي ۾ بي احتياطي ٿي ۽ ڪورونا تيزي سان ڦهليو ته سڄي ملڪ تي انهي جا وڌيڪ اثر پوندا. هن چيوته روزانو 600 کان 700 مريض اچن ٿا ، جن مان 60 کان 70 مريض سيريئس هوندا آهن، مرندڙن جي تعداد ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، ان ڪري پوليس جي مدد لاءِ فوج کي به گھرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هن چيو ته ڪورونا ايس او پيز تي رڳو 21 سيڪڙو عمل ٿئي ٿو، 79 سيڪڙو ماڻهو ڪورونا ايس او پيز تي عمل نٿا ڪن، 70 سيڪڙو ڪورونا شهرن مان ڦهلجي ٿو، ان ڪري آئوٽ ڊور ڊائننگ تي به پابندي مڙهي وئي، حڪومت ڊليوري ڪمپنين لاءِ مراعتن جو اعلان ڪري رهي آهي، شهري آن لائين شاپنگ ڪن،هن چيو ته اسان جي حڪومت پهرين ڏينهن کان مڪمل لاڪ ڊائون کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ته انهي سان ماڻهو متاثر ٿيندا، واپارين کي به هن مهيني ڪمائي ڪرڻي آهي، واپاري ۽ شهري به ايس او پيز تي عمل ڪن، جيڪڏهن زندگيون خطري ۾ پئجي ويون ته معيشت پوئتي رهجي ويندي، هن وقت وزيراعظم مزاحمت ڪئي آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون نه ٿئي پر هڪ هفتي ۾ ڪيسز گھٽ نه ٿيا ته مڪمل لاڪ ڊائون ڏانهن وينداسين. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته مريم نواز پنهنجو ڪراچي وارو دورو ملتوي ڪيو، سياسي پارٽين کي به سنجيدگي ڏيکارڻي پوندي،