ڪراچي (م ڊ) ڪورونا ڪيسن ۾ اضافو، اسلام آباد ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 2 سيڪڙو ٿي وئي، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 1.2سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، هڪ مريض فوت ٿي ويو، ٻئي طرف ملڪ ۾ ويڪسين جي اهل 85 سيڪڙو آبادي ويڪسينيشن مڪمل ٿي وئي، طبي ماهرين ڪورونا کان بچاءَ لاءِ شهرين تي ٻيو ڊوز لڳائڻ تي زور ڀريو آهي، اين آءِ ايچ  جو چوڻ آهي ته ڪورونا خلاف جنگ اڃا ختم ناهي ٿي، شهري رش واري هنڌن تي ماسڪ پائن، سماجي فاصلي جو خيال رکن.