ڪراچي: گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 6 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 312 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب فوتين جو ڪل انگ4516 ٿي ويو آهي. اڄ وڌيڪ 116 مريض صحتياب ٿيا، وڏي وزير چيو ته هن وقت 5708 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي جن مان 5385گهرن ۾، 10 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 313 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 286  مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ۽ 35  مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.