ڪورونا وائرس جِي پکيڙ ۾ واڌ: ڪراچي ۾ شام ڇهين وڳي کانپوءِ شهرين جِي چر پر تي مڪمل پابندي جو فيصلو

0
256
ڪورونا جي پکيڙ ۾ واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ شام جو 6 وڳي کانپوءِ مڪمل پابندي مڙهڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن سوڌو اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وڏي وزير آءِ جي سنڌ ۽ ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ت ڪراچي ۾ شامل جو 6 وڳي کانپوءِ مڪمل پابندي لڳائي وڃي، مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ شام جي وقت ڪير به غير ضرور گهر کان ٻاهر نه نڪري، خبر پئي آهي ته ٽيوشن سينٽرز هلي رهيا آهن، فوري طور تي ٽيوشن سينٽرز بند ڪيا وڃن، هن چيو آهي ته جمعي ڏهاڙي تي ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺندس، جيڪڏهن صورتحال بهتر نه ٿي ته وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا، وڏي وزير صوبائي وزير ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ اويس شاهه تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جيڪا سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقات ڪري صوتحال کان آگاهه ڪندي جڏهن ته ڪميٽي سياسي جماعتن سان به ڳالهيون ڪندي، وڏي وزير چيو ته ڪووڊ جي صورتحال تي ڪا به سياست نه ٿيڻ گهرجي، واضح رهي ته ڪراچي سوڌو سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ غير معمولي اضافي کانپوءِ سنڌ حڪومت صبح کان شام تائين ڪاروبار کولڻ جو وقت مقرر ڪيو جڏهن ته شادي ۽ ٻين تقريبن تي پابندي آهي.