ڪورونا وائرس جَي نئين قسم اومي ڪرون سموري دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو

0
456
ڪورونا وائرس جَي نئين

ڪراچي(م ڊ) نئين ۽ موتمار ڪورونا وائرس ”اومي ڪرون“ وائرس جي تيزيءَ سان پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ عالمي سطح تي هنگامي قدم کنيا پيا وڃن، ڪوڊ جي نئين خطري واري نسل ڏکڻ آفريڪا کان اٽلي، بيلجيم، جرمني، چيڪ ريپبلڪ، هالينڊ، مصر، اسرائيل، ملاوي، بوٽسوانا، هانگ ڪانگ ۽ برطانيه تائين پهچي وئي آهي

دنيا ۾ اومي ڪرون جي تيزيءَ سان پکڙجڻ سبب آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيه ۽ سعودي عرب کانپوءِ اتر ڪوريا به آفريقي ملڪن جون اڏامون بند ڪري ڇڏيون آهن

آمريڪي صدر جو بائيڊن جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر اينٿوني فوچي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ”اومي ڪرون“ شايد اڳ ئي آمريڪا پهچي چڪو آهي، ان کان علاوه برطانوي وزيراعظم بورس جانسن عوامي هنڌن ۽ سفر دوران ماسڪ جي استعمال لازمي قرار ڏنو آهي

ٻئي طرف اسرائيل به تيزيءَ سان پکڙجڻ سبب سمورن پرڏيهين جي دنيا ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، خيال ڪيو پيو وڃي ته ڪورونا وائرس جو هي نئون قسم ڏکڻ آفريڪا جي هڪ صوبي ۾ دريافت ٿيو آهي، جنهن بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته اصل ڪورونا وائرس جي مقابلي ۾ ان ۾ ايتريون تبديليون آيون آهن جو هينئر تائين تيار ڪيل ڪورونا جي ويڪسين جو اثر 40 سيڪڙو گهٽ ٿي سگهي ٿو