ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزات سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته ڪورونا وئڪسين جي خريداري لاءِ وفاقي ڪابينا جي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
پاڪستان کي ڪورونا وئڪسين خريد ڪرڻي آهي، ان لاءِ 15 ڪروڙ ڊالر جي به مختص ڪيا ويا آهن.
وزارت موجب سائنو فارم وئڪسين جا 15 لک ڊوز عطيو مليا آهن، جڏهن ته 10 لک خريد ڪيا ويا آهن ۽ ڪين سينو بائيو جا 60 هزار ڊوز خريد ڪيا ويا.
حڪومت عالمي بينڪ کان قرض وٺي وئڪسين خريد ڪرڻ لاءِ سوچي رهي آهي.