ڪورونا مريض شادي تقريب ۾ پهچي ويو: ٿرٿلو

0
296

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڪورونا مريض شادي تقريب ۾ پهچي ويو، خبر پوڻ تي ٿرٿلو مچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي ڳوٺ لهروا ۾ مشر نالي نوجوان شادي جي تقريب ۾ پهتو، نوجوان ڊانس ڪئي ۽ گهوٽ سميت دوستن سان ڦوٽو ڪڍرايا. مشرا 27 اپريل تي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي ۽ 29 اپريل تي شادي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ساڳئي ڏينهن سندس ڪورونا رپورٽ مثبت هجڻ جي اطلاع تي ٿرٿلو مچي ويو.شادي تقريب ۾ شريڪ 40 کان وڌيڪ ماڻهو پڻ متاثرٿي ويا. ٻئي طرف انتطاميا پوري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو جڏهن ته نوجوان کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وبا جي نئين لهر پوري ملڪ کي وڪوڙي ڇڏيو آهي جنهن سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪرفيو لڳڻ باوجود ڀڃڪڙيون جاري آهن.