ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙن جون موبائل سمز بلاڪ ڪرائڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪرائيندڙ ڪراچي واسي تي 25 هزار ڏنڊ وجهي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ، ڪاله ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته ويڪسين ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ عوام جِي مرضي آهي، ويڪسين لڳرائيندڙ ماڻهو به مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، عدالت درخواستگذار جي وڪيل سھيل حميد ايڊووڪيٽ کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته حڪومت کي عوام جو فڪر آهي، توهان وري ڪورونا خلاف حڪومتي قدمن کي روڪڻ چاهيو ٿا؟، حڪومت کي صرف ھڪ شخص نه پر توھان سان گڏ موجود وڪيلن جي به ڳڻتي آھي، جسٽس شفيع صديقي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪورونا متاثر پاڻ سان گڏ 200 کان وڌيڪ ماڻھن کي متاثر ڪندو آھي، ڪورونا اھڙي وبا آھي جيڪا ڪنھن ھڪڙي شخص کي ٿئي ٿي ته ٻين ماڻھن کي به پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏي ٿي، جنھن تي درخواستگذار چيو ته قانون موجب حڪومت ڪنھن به شھري کي ڪنھن شيءِ تي زبردستي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ مجبور نٿي ڪري سگھي، حڪومت زبردستي پنھنجا فيصلا عوام تي لاڳو ڪرائي نٿي سگھي، ويڪسين لڳرائڻ عوام جي پنھنجي ذميواري آھي، حڪومت کي موبائل سمز بلاڪ ڪرڻ کان روڪيو وڃي. حڪومت کي انهي حوالي سان پھريان قانونسازي ڪرڻي پوندي جنھن تي جسٽس شفيع صديقي چيو ته توھان قانونسازي جو ڪيئن چئي سگھو ٿا، ڪورونا وائرس جو متاثر شخص شھر ۾ گھمندڙ بم آھي، عدالت پڇيو ته سم بلاڪ ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن ڪٿي آھي؟ ٽن صفحن واري درخواست تي حڪومتي ڪارروائي ڪيئن روڪي ڇڏيون؟ جنھن تي درخواستگذار چيو ته حڪومت کي ويڪسين لڳائڻ لاءِ خاص قانونسازي يا آرڊيننس جاري ڪرڻ گھرجي، ڪورونا ويڪسين لڳائڻ سان ڪجھه ماڻھن کي اڌرنگ (فالج ) به ٿيو آھي، جنھن تي عدالت چيو ته ڪنھن کي فالج ٿيو آھي ته ان جا سبب ڪي ٻيا ھوندا، ڪورونا ويڪسين سان اڌرنگ ٿي نٿو سگھي، عدالت درخواست گذار تي 25 ھزار رپين جو ڏنڊ لڳائي درخواست خارج ڪري ڇڏي