ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا ۾ گهٽتائي، شرح 9.16 مان 8.9 سيڪڙوتي پهتي، وڌيڪ 161 شهري فوت، 3377 نوان ڪيس سامهون آيا، اسلام آباد ۾ ڪورونا شرح 8، پنجاب ۾ 11، ڪي پي ۾ 10 ، ڪراچي اوڀر ۽ سينٽرل ۾ 13 ۽ حيدرآباد ۾ 13 سيڪڙو رهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪورونا 9 حياتيون کسي ورتيون، وڌيڪ 1122 نوان ڪيس ظاهر، ان ڏس ۾ وڏي وزير مراد شاهه چيو آهي ته هن وقت 16567 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي، جنهن مان 15939 گھرن ۾ ۽ 628 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. 592 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 56 مريض وينٽيليٽر تي آهن، جڏهن ته ڪو به مريض آئسوليشن سينٽر ۾ ناهي. ڪراچي ۾ 427، حيدرآباد ۾ 286، دادو ۾ 37، مٽياري ۾ 34، لاڙڪاڻي ۾ 30، شهيد بينظير آباد ۾ 28، گھوٽڪي ۾ 25، ٽنڊي الهيار ۾ 24، ميرپورخاص ۾21، ٽنڊي محمد خان ۽ بدين ۾20،20 ، ٺٽي ۾ 16، ميرپور خاص ۽ سانگهڙ ۾ 15، 15، قمبر ۾ 10، نوشهري فيروز۾ 9، خيرپور ۾ 8، شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ 7، 7، ڄامشوري ۾ 3، جيڪب آباد ۾ 2 ۽ سجاول ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي، ٻئي طرف لمس ڄامشوري ۾ ٽنڊي آدم واسي 57 ورهين جو مشتاق علي پٽ رحمت علي ۽ دادو واسي 48 ورهين جو وقار احمد پٽ محمد صديق فوت ٿي ويا، جڏهن ته لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل لاڙڪاڻي جي شيخ زيد ڪالوني واسڻ 64 ورهين جي غلام زهريٰ چانڊيو ۽ ڳڙهي خيرو واسي 80 ورهين جو غلام حسين فوت ٿي ويا، ٻئي طرف سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل سکر ٽائون شپ جي رھواسڻ 35 ورھين جي فريال زال شاھزيب صديقي ۽ ڳاڙھي موري واسڻ 50 ورھين جي عجيبان زال برڪت مھيسر فوت ٿي ويون، ِٻئي طرف ٿر جي مختلف علائقن ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 21 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد مريضن جو انگ وڌي 475 ٿي ويو آهي، هوڏانهن ڪراچي جي سينٽرل ضلعي گلبرگ، نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد ۽ لياقت آباد ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ لاڳيتو واڌ سبب 18 مئي تائين 15 ڏينهن لاءِ مائڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آھي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت بند پيل اسٽيل ملز جو آڪسيجن پلانٽ هلائڻ لاءِ هڪ ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته ڪورونا سبب هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جون حالتون ٻين صوبن جيان وڌيڪ خراب ناهن، تازي لهر ۾ حيدرآباد، ڪراچي اوڀر ۽ ڪراچي ڏکڻ ضلعا گهڻا متاثر ٿيا آهن، انتظاميا کي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ چيو آهي، وڏي وزير اجلاس ۾ شريڪ ڊاڪٽرن جي تجويز تي اولڊ ايج هومز ۾ رهندڙ بزرگن کي ويڪسين ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ ويڪسين جي سهولت شروع ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو ، ٻئي طرف ڪي پي ۾ هڪ ٻيو ڊاڪٽر ڪورونا سبب فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوتي ڊاڪٽرن جو انگ 65 ٿي ويو. ڊاڪٽر نور اسلام مردان اسپتال ۾ سينيئر ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيل هو،