ڪورونا سبب سنڌ ۾ وڌيڪ 4 مريض فوت، 1038 نوان ڪيس ظاهر

0
337

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪورونا بابت جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 1038 نوان ڪيس ظاهر ڪيا ويا، جڏهن ته وبا سبب 4 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. اهڙي ريت فوتين جو انگ وڌي 4691 ٿي ويو آهي. وبا مان وڌيڪ 331 مريض صحتياب ٿيا آهن، جنهن بعد صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 266719 تائين پهچي ويو آهي. وڏي وزير موجب هن وقت 17270 مريض علاج هيٺ آهن،16627 گهرن ۽ 643 مريض مختلف اسپتالن ۾ آهن. 616 مريضن جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي، 55 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.