ڪورونا سبب تعليم جو وڏو نقصان ٿيو، سئو سيڪڙو ازالو ڪرڻ ممڪن نه آهي: سعيد غني

0
245

محرابپور(ن پ ا) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيوآهي ته ڪورونا وائرس سبب تعليم جو وڏو نقصان ٿيو آهي جنهن جو سئو سيڪڙو ازالو ڪرڻ ناممڪن آهي،هن سال سنڌ حڪومت تعليم جي بجيٽ واڌائي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ جن اسڪولن ۾ به سهولتن جي کوٽ آهي ان کي پورو ڪيو وڃي، محرابپور ۾ نجي اسڪول جي نيئن ٺهندڙ ايجوڪيشنل ڪامپليڪس جي پيڙ جي پٿر رکڻ واري تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ هزارين غريب ٻارڙن جي داخلا سٺن ادارن ۾ ٿي ويندي آهي پر انهن جي والدين ۾ فيس ادا ڪرڻ جي سگھ ناهي هوندي، انهن جي فيس سنڌ سرڪار اينڊومينٽ فنڊ ذريعي ادا ڪري رهي آهي، هن چيو آهي ته ڪجھ سالن کان ڪجھ سببن جي ڪري اسڪولن جو فرنيچر ناهيون خريد ڪري سگهيا ايندڙ ڪجھ مهينن ۾ فرنيچر اسڪولن ۾ پهچڻ شروع ٿي ويندو جيڪو سلسلو پڻ جاري رهندو، سعيد غني چيو آهي ته اسڪولن ۾ استادن جي کوٺ سبب آءِ بي اي ذريعي 37 هزار نوان استادن جي ڀريتن جو سلسلو شروع ڪيو پر ڪرونا وائرس سبب ان مرحلي کي تيز ناهيون ڪري سگهيا، هاڻي ڪرونا جو مسئلو ڪافي حد تائين حال ٿيو آهي جلد انهن ڀرتين جو سلسلو تيز ڪيو ويندو، هن چيو آهي ته اسڪولن مان استادن ۽ فرنيچرن جي کوٽ کي جلد ختم ڪيو ويندو ته جيئن شاگرد ۽ شاگردياڻيون بهتر تعليم حاصل ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن.