ڪورونا دوران به لڄالٽ واقعن تي رت ڪَڙهي رهيو آهي:راڪيل

0
292

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا راڪل پريت سنگهه ڀارت ۾ جنسي زيادتي جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.اخبارن ۾ جنسي زيادتي جا واقعا پڙهي پڙهي راڪل پريت سنگهه پريشان ٿي وئي آهي ۽ هن اهڙن واقعن ڏانهن سڀني جو ڌڪان ڇڪايو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ اداڪارا چيو ته مان تازو هريانه رياست جي شهر مانيسر ۾ هڪ جنسي زيادتي جي واقعي بابت پڙهيو، مان ماڻهن جو ڌيان ان ڏانهن ڇڪائڻ چاهيان ٿي، هڪ پاسي سڄي دنيا ڪورونا خلاف وڙهي رهي آهي ۽ ٻئي پاسي وري اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن.راڪل پريت سنگهه سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته جڏهن به اهڙن واقعن جو ٻڌندي آهيان ته منهنجو رت ٻڙڪڻ لڳندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن سمجهه ۾ ناهي ايندو ته زيادتي ڪندڙن کي ڪهڙو نالو ڏنو وڃي؟ گهٽ ۾ گهٽ اهي انسان ته نٿا ٿي سگهن.