اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان عوام سان فون تي ڳالهه ٻولهه دوران چيو آهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر انتهائي خطرناڪ آهي، عوام ماسڪ پائڻ سوڌو ايس او پيز تي عمل ۾ انتظاميا سان سهڪار ڪري، ميرپور خاص ۾ گئس نه ملڻ واري سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ گئس جا ذخير گهٽجي رهيا آهن، گئس جا وڌيڪ کوهه کوٽيا پيا وڃن، پرڏيهه مان آيل گئس مهانگي ملي رهي آهي، ميرپور خاص ۾ گئس نه ملڻ واري معاملي جي پاڻ جاچ ڪرائيندس، جڏهن ته وزيراعظم قوم کي لائيو فون تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي.