ڪورونا جي نئين قسم جي خبر ناهي، تعليمي سرگرميون جاري رکڻ چاهيون ٿا: شفقت محمود

0
209
حڪومت جو احتجاج

ڪراچي (م ڊ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪورونا جي نئين قسم جي خبرن تي چيو آهي ته حڪومت تعليمي سرگرميون جاري رکڻ چاهي ٿي

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شفقت محمود چيو ته مون کي ڪورونا وائرس جي نئين قسم جي تفصيلي خبر ناهي پر تعليمي سرگرميون جاري رکڻ چاهيان ٿو ۽ امتحان وقت تي ۽ مڪمل نصاب سان منعقد ڪيا ويندا

ٻئي طرف تعليم واري وفاقي وزير به پنجاب ۾ سموگ کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارن ۾ موڪلن جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ چيو ته تعليمي ادارن ۾ 3 ڏينهن جي موڪلن سان سموگ ۾ گهٽتائي ايندي، موڪلن هميشه سموگ ۾ گهٽتائي آئي آهي

واضح رهي ته ڪورونا جي نئين قسم اومي ڪرون دنيا ۾ تباهي مچائي ڇڏڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڊيلٽا ويرينٽ کان ٻيڻي رفتار سان پکڙجندڙ هي وائرس ڪيترن ئي ملڪ کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ڏکڻ آفريڪا مان اٿندڙ هي وائرس برطانيه، جرمني، بيلجيم، اٽلي ۽ چيڪ ري پبلڪ بعد آسٽريليا پهچي ويو آهي

ھي به پڙھندا

ڪورونا وائرس جَي نئين قسم اومي ڪرون سموري دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو