ڪورونا جي نئين قسم، سنگل وارا جلدي ٻيو ڊوز لڳرائن: اسد عمر

0
167
سنڌ ۾ زرداري ليگ
ڪورونا جي نئين قسم، سنگل وارا جلدي ٻيو ڊوز لڳرائن: اسد عمر

ڪراچي (م ڊ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر (اين سي سي او سي) جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا جي نئين قسم اومي ڪرون خلاف ويڪسينيشن ئي ان کان بچاءُ جو واحد موثر طريقو آهي

اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ڪورونا جو نئون ويرينٽ انتهائي خطرناڪ آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهيو آهي ۽ اين سي او سي نئين قسم جي حوالي سان ڪجهه فيصلا ڪيا آهن، هاءِ رسڪ ايريا ۾ ٽيسٽ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ ڪورونا ٽيسٽنگ ۾ به تيزي آڻڻ ۽ ڪارائتو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي

هن چيو ته اين سي او سي ۾ سمورا فيصلا مستقبل کي نظر ۾ رکي ڪيا ويندا، پاڪستان ۾ نئين قسم جي ڪنٽرول لاءِ قدم کنيا پيا وڃن پر نئين قسم جي خلاف ويڪسينيشن ئي روڪٿام جو واحد موثر وسيلو آهي

اسد عمر چيو ته پرڏيهه مان ايندڙن لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن، احتياطي اپاءَ وٺي نئين ويڪسين جي اثرن کي گهٽائي سگهون ٿا پر ان کي روڪي نٿا سگهون، ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ وڏي ويڪسينيشن مهم شروع ڪنداسين، جيڪ 3 ڪروڙ پاڪستانين پهريون ڊوز لڳرايو آهي اهي ٻيو ڊوز به لڳرائن، سمورا اپاءُ وٺڻ سان نئين قسم جي ڪورونا کي گهٽائي سگهجي ٿو

هن وڌيڪ چيو ته ويڪسين بوسٽر انهن ماڻهن کي ڏني ويندي جن کي ڪورونا وائرس جو وڌيڪ خطرو هوندو